اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پيٽروليم بابت خاص مددگار نديم بابر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قانونسازي، ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته ملڪي ترقي جو راز پارليامينٽ جي مضبوطي ۾ لڪل آهي، پارليامينٽ عوام جو نمائنده ادارو آهي ۽ ملڪي مسئلن جي حل جي لاءِ اهڙيون پاليسيون جوڙي سگهي ٿو جيڪي ملڪ ۽ قوم جي وسيع تر مفاد ۾ هجن. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ سموريون سياسي پارٽيون قومي اهميت جي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿيون. هن چيو ته ان کي سدائين ڪوشش رهي آهي ته ايوان جي اندر موجود سمورين سياسي پارٽين کي ايوان ۾ خيالن جي اظهار جو برابر موقعو فراهم ڪيو وڃي ۽ سمورن معاملن کي افهام تفهيم سان حل ڪيو وڃي، هن چيو ته 13 آگسٽ 2020ع تي پڄاڻي تي پهچندڙ پارلياماني سال جي دوران قومي اسيمبلي جي ڪارڪردگي انتهائي شاندار رهي، ڪورونا وبا جي باوجود قومي اسيمبلي جو اجلاس جاري رهيو ۽ عوامي ڀلائي بابت قانونسازي عمل ۾ آندي وئي، اسپيڪر ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ ايوان ۾ موجود سياسي پارٽيون سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ڪري قومي مفاد رکندڙ معاملن تي يڪجهتي جو مظاهرو ڪنديون.
متعلقہ مضامین
-
آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں: جدید دور کا تفریحی ذریعہ
-
کلاسیکی سلاٹ مشین آن لائن: تفصیل اور فائدے
-
ہائی آر ٹی پی سلاٹ مشینوں کی اہمیت اور فوائد
-
ترقی پسند جیک پاٹ سلاٹس اور جدید سماجی تبدیلی
-
5 ریل سلاٹس جدید ریلوے نظام کی اہم کڑیاں
-
پاکستان میں 5 اہم ریلوے سلاٹس کی ترقی
-
پانچ ریل سلاٹس کی اہمیت اور جدید ٹیکنالوجی
-
3 ریل سلاٹ مشینوں کی دلچسپ دنیا
-
تین ریل سلاٹ مشینوں کی جدید ٹیکنالوجی اور ان کے فوائد
-
3 ریل سلاٹ مشینیں: کھیلوں کی دنیا میں دلچسپ سفر
-
بڑے جیک پاٹس اور سلاٹ مشینوں کی جدید ٹیکنالوجی
-
بہترین آن لائن سلاٹ مشین گیمز جو آپ کو ضرور کھیلنی چاہئیں